اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جيڪڏهن احتجاجي جلوس پنجاب يا سنڌ ۾ ڪري ته کيس خبر پوي ته جلسو آهي، ڪي پي ڪي جلسي ۾ سرڪاري وسيلن جو بيدرديءَ سان استعمال ٿيندو. ڪالهه ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ بچاءَ واري وزير خواجه محمد آصف چيو ته ڪي پي ڪي ۾ سندن حڪومت آهي، اتي ڌانڌليءَ جو پٽڻو پٽي رهيا آهن، 8 فيبروري (اڄ) تي اُتي جلسو ڪيو پيو وڃي ته جيئن حڪومتي وسيلا استعمال ڪري سگهجن. ڪي پي ڪي جي عوام جي دولت جلسي تي لُٽائي پئي وڃي. سرڪاري مشينري ميسر آهي، سرڪاري ملازم جلسي گاهه ۾ ڀرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي جيڪڏهن احتجاجي جلسو ڪرڻو آهي ته اچي پنجاب ۾ ڪري، سنڌ يا بلوچستان ۾ ڪري، جتي اوهان جي دعويٰ آهي ته اوهان سان زيادتي ٿي آهي ۽ ڪنهن ٻئي صوبي مان عوام ته پري، پر اوهان جي ليڊرشپ تائين روپوش ٿي وڃي ٿي.