اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ ”ڪشمير ريسورس سينٽر“ (ڪي آر سي) جو افتتاح ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ڪشميري عوام مسلسل ڀارتي هٺ ڌرمي جي ڪري پنهنجو بنيادي خودمختياري جو حق استعمال نه ڪري سگهي آهي، اڄ ڪشميري عوام جا حقيقي نمائندا جيل جي سيخن جي پٺيان آهن، سياسي قيدين جو ڪل انگ هزارن ۾ آهي. هن چيو ته ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني حراست دوران لاڏاڻو ڪري ويو، ڀارتي عملدار ڪشميري عوام جي حقيقي امنگن جي نمائندگي ڪندڙ سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي رهيا آهن، هيستائين 14 سياسي پارٽين کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ چيو ته تاريخ گواهه آهي ته ڄمون ۽ڪسمير جي وڏن حصن تي ڀارت جي مسلسل قبضي ڪيترن ئي موقعن تي علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي پاڙيسرين سان پرامن گڏيل بقاءَ تي يقين رکي ٿو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي. پرڏيهي سيڪريٽري ڪشمير ريسورس سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايس ايس آءِ کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اهو مرڪز محققين، پريڪٽيشنرز ۽ عام قارئين جي لاءِ علم جو هڪ ڪارائتو ذخيرو پيش ڪندو. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ انڊيا اسٽڊي سينٽر ان موقعي تي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ سيمينار پڻ منعقد ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس ايس آءِ سهيل محمود چيو ته جتي پاڪستان ۽ ڪشميري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي ٻڌل حل جي لاءِ پنهنجي جدوجهد تي پرعزم آهن، ڀارت ڊگهي عرصي کان پنهنجي واعدن کي مڪرجي رهيو آهي. هن چيو ته عالمي برادري جيو اسٽريٽجڪ خدشن يا ڪارپوريٽ مفادن جي ڪري پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿي. ڀارت والاريل علائقن ۾ ڏاڍ، سياسي هيراڦيري ۽ ڊيموگرافڪ تبديلي عمل ۾ آندي آهي. ڀارت عالمي برادري کي دوکو ڏيڻ ۽ پنهنجي ڏوهن جي قانوني حيثيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ 5 آگسٽ 2019ع کان ڪشميرين جي جائز مزاحمتي جدوجهد کي ”دهشتگردي“ جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هو پاڪستان جي خلاف ”سرحد پار دهشتگردي“ جا الزام هڻي رهيو آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي امڪانن تي يقين رکڻ ضروري آهي. آءِ ايس ايس آءِ نئين قائم ڪيل ڪشمير ريسورس سينٽر جي اهميت کي اجاگر ڪندي سهيل محمود اميد ظاهر ڪئي ته اهو گذريل صديءَ جي عالمي مسئلن بابت خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن ۾ آگاهي ۽ افهام تفهيم پيدا ڪرڻ ۽ باخبر ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ ۾ بامعنيٰ ڪردار ادا ڪندو. هن ڪي آر سي جي قيام ۾ تعاون تي پرڏيهي وزارت جا پڻ ٿورا مڃيا. ان کان اڳ پنهنجي تعارفي خطاب ۾ انڊيا اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر خرم عباس چيو ته پاڪستان هر سال ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ملهائي ٿو ته جيئن ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي مضبوط حمايت جو اظهار ڪري سگهجي. سيمينار ۾ ناليوارن مقررين ڪشمير مسئلي تي پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. فاطمه وحيد چيو ته شق 370 ۽ اي 35 جو ملتوي ڪرڻ ڪشمير جي سڃاڻپ کي مٽائڻ جي هڪ ڪوشش آهي جيڪا عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي آهي. هن سوال ڪيو ته جڏهن دنيا جمهوريت ۽ انصاف جي قدر ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿي ته ڪشميرين کي انهن ٻنهي کان ڇو انڪار ڪيو پيو وڃي. سينٽر فار انٽرنيشنل اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي طيبه خورشيد چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط رشتو آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي نوجوانن وٽ هڪ بهتر مستقبل جي اميد ۽ امڪان آهن جيڪي ڀارتي قبضِ ۾ ڪشميري نوجوانن سان گڏ نه آهن. هن چي ته ڀارت ڪوڙ ڦهلائڻ ۽ نوجوانن ۾ بي اطميناني پيدا ڪرڻ ۾ سرگرم رهيو، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان کي ڀارتي ارادن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ هٿ ملائڻ گهرجي. سماجي ۽ سياسي تجزيه نگار نائله ڪياني آزادي جي جدوجهد ۾ ڪشميري عورتن جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڪشميري عورتن وحشياڻي ڏاڍ ۽ نظامي تشدد آڏو غيرمعمولي لچڪ جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميري عورتن احتجاج، ڌرڻن ۽ مزاحمتي تحريڪن جي قيادت ڪئي آهي. هن آسيه اندرابي، انجم زمرد حبيب ۽ فهميده صوفي جهڙين عورتن جي قربانين کي اجاگر ڪيو جيڪي سالن کان ڀارتي جيل ۾ آهن. ڪشمير انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل ريليشنز جي چيئرمين الطاف حسين واني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي جي پاليسين تي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته جڏهن مودي 2014ع ۾ اقتدار سنڀاليو ته هن ڪشميري سياسي اڳواڻن جي پڪڙ ڌڪڙ شروع ڪئي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر غلام محمد صفي ڪشمير تڪرار جي مختلف رخن تي روشني وڌي جنهن ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون پڻ شامل آهن. هن چيو ته ڪشميرين کي ڀارتي فورسز جي حراست ۾ قتل ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، عصمت دري کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪيو پيو وڃي. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ڪنهن به ملڪ کي جيڪو ڀارت جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي، ان کي ثالثي جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڪنهن به ڳالهه ٻولهه ۾ ڪشميري قيادت کي شامل ڪرڻ گهرجي. پنهنجي پڄاڻي واري خطاب ۾ چيئرمين بورڊ آف گورنرز خالد محمود چيو ته خودمختياري جو حق هڪ بنيادي انساني حق آهي ۽ ڪشميرين کي اهو حق گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت حاصل آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، اهو وقت پري نه آهي جڏهن ڄمون ۽ ڪشمير جا ماڻهو پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪندا.