اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته عالمي سطح تي گرين هائوس گئس خارج ڪرڻ ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي، اهي غيرمتناسب اثر موسمياتي ماليات ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ فوري عالمي ذميواري ۽ برابري جا گهرجائو آهن، نوجوان تحقيق، وڪالت ۽ مشاهدي جي ذريعي گرين پاڪستان منصوبي جي قيادت ڪن، اسان کي نوجوانن کي پاڪستان کي سبز معيشت طرف منتقل ڪرڻ جي لاءِ ضروري اوزارن، تعليم ۽ پليٽ فارمز سان ليس ڪرڻو پوندو ته جيئن قومي سطح تي ماحولياتي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻن ڏينهن واري بريٿ پاڪستان انٽرنيشنل ڪلائميٽ چينج ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بريٿ پاڪستان انٽرنيشنل ڪلائميٽ چينج ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن اجتماع نه رڳو موسمياتي قدمن جي فوري ضرورت کي اجاگر ڪيو پر وقت جي سڀ کان وڏي چئلينجن مان هڪ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي. گذريل ٻن ڏينهن دوران اسان پاڪستان ۽ دنيا جي پائيدار ۽ لچڪدار مستقبل کي محفوظ بڻائڻ، ڪاربن جي اخراج کي گهٽ ڪرڻ کان وٺي آبهوا جي مالي مدد کي وڌائڻ، قابل تجديد توانائي جي حل کي فروغ ڏيڻ ۽ ڪميونٽي لچڪ کي مضبوط بڻائڻ تائين، جامع، ڪارائتي ڳالهه ٻولهه، پاليسي مباحثي ۽ فڪرن جي مٽاسٽا ڪئي آهي. هن ڪانفرنس ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته آبهوا جي تبديلي رڳو ماحولياتي ڳڻتي نه آهي پر اقتصادي سلامتي، سماجي انصاف ۽ قومي خودمختياري جو هڪ بنيادي مسئلو آهي. پاڪستان موسمياتي بحران ۾ فرنٽ لائين تي بيٺل آهي. اسان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، ڊگهي ڏڪار، برفاني ڇپن جي پگهرڻ ۽ وڌندڙ گرمي پد جي نقصانن کي برداشت ڪيو آهي جنهن سان نه رڳو روزگار پر پوري ماحولياتي نظام کي خطرو آهي. هن چيو ته 2022ع جي تاريخ جي بدترين ٻوڏ، جنهن لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو 7 اربين جي معاشي نقصانن جو سبب بڻي، ان ڳالهه جي واضح ياد ڪرائي ته آبهوا جي تبديلي جو خطرو هاڻي پري نه آهي، اها اسان جي ماڻهن جي لاءِ هڪ زندهه حقيقت آهي، عالمي سطح تي گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو وجهڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلين جي حوالي سان سڀ کان متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي. وقتي صدر چيو ته اهي غيرمتناسب اثر موسمياتي ماليات ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ فوري عالمي ذميواري ۽ برابري جا گهرجائو آهن، اسان اڳ ۾ ئي موسمياتي تبديلي ۽ گرين انرجي ٽرانزيشن جي لاءِ اهم قدم کڻي چڪا آهيون، شمسي توانائي، هوا ۽ پن بجلي سميت قابل تجديد توانائي جي حل کي فروغ ڏيڻ، ته جيئن فوسل ٻارڻ تي اسان جو دارومدار گهٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته تحفظ جي پاليسين ۽ ٺوس واٽر گورننس جي ذريعي پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ واٽر ريسورس مئنيجمينٽ هڪ ٻيو اهم مسئلو آهي، گرين انفراسٽرڪچر، گرين ٽيڪسونومي ۽ ڪلائميٽ سمارٽ زراعت جي حمايت جي لاءِ جديد مالياتي مڪينزم جي ذريعي ڪلائميٽ فنانس ۽ ڪاربن مارڪيٽس جي پڻ ڳولا ڪئي پئي وڃي ۽ آخر ۾ آفتن جي خطري ۾ گهٽتائي (ڊر آر آر) پٺتي پيل طبقن جي حفاظت جي لاءِ اڳواٽ تنبيهه جي نظام ۽ هنگامي ردعمل جي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻو آهي. وقتي صدر چيو ته پاڪستان جي قانونساز اداري جي نمائندي جي حيثيت سان اسان ڌرين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو وچن ڪريون ٿا جن ۾ سرڪاري ادارا، نجي شعبي جا اڳواڻ، سول سوسائٽي ۽ عالمي حصيدار شامل آهن ته جيئن انهن ماحولياتي قدمن تي عملدرآمد ۾ پاليسي هم آهنگي، شفافيت ۽ احتساب کي فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان اها جنگ اڪيلي نه ٿو وڙهي سگهي، موسمياتي انصاف جا اصول ان ڳالهه جو مطالبو ڪن ٿا ته ترقي يافته ملڪ پيرس معاهدي تحت 100 ارب ڊالر جي سالياني ماحولياتي فنانس جي واعدي کي پورو ڪرڻ کان وٺي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ٽيڪنالاجي تائين منصفاڻي پهچ کي يقيني بڻائڻ تائين پنهنجي واعدن جي پاسداري ڪن، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها انهن واعدن کي ٺوس قدمن ۾ تبديل ڪري ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته پاڪستان جهڙن ڪمزور ملڪن کي آبهوا جي لحاظ کان لچڪدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ گهربل معاونت حاصل هجي. هن نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ سرسبز مستقبل جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ڳالهه ڪندي چيو ته اڄ جا نوجوان رڳو سڀاڻي جا اڳواڻ نه آهن پر اڄ جي تبديلي جا محرڪ آهن، اسان کي نوجوانن کي پاڪستان کي سبز معيشت طرف منتقل ڪرڻ جي لاءِ ضروري اوزارن، تعليم ۽ پليٽ فارمز سان ليس ڪرڻو پوندو. ماحول دوست ٽيڪنالاجي، پائيدار زراعت ۽ آبهوا جي صنعتڪاري ۾ جدت طرازي ان تبديلي جا اهم محرڪ هوندا. آئون هتي موجود سمورن نوجوان ذهنن جي حوصلا افزائي ڪريان ٿو ته اهي ان مشن جي ملڪيت حاصل ڪن. ڀلي اهي تحقيق، وڪالت يا پائيدار ڪاروباري منصوبن جي ذريعي هجي، پاڪستان جو مستقبل نوجوانن جي جذبي ۽ ويزن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته جڏهن اسان ان ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته آبهوا بابت قدم ڪو واقعو نه آهي پر هڪ تحريڪ آهي جنهن جي لاءِ اڻٿڪ عزم، جرئتمنداڻي قيادت ۽ پختي تعاون جي ضرورت هوندي آهي. هن ڪانفرنس کي هڪ اهم موڙ بڻايون جتي خيال پاليسين ۾ تبديل ٿين، پاليسيون عمل ۾ تبديل ٿين ۽ قدم آبهوا جي لحاظ کان مضبوط پاڪستان ۾ تبديل ٿين، هن ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ تي ڊان ميڊيا، منتظمين، ماهرن، عالمي حصيدارن ۽ انهن سمورن شرڪت ڪندڙن جا دل سان ٿورائتا آهيون.