اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبرگ خان ملاقات ڪئي آهي. ان موقعي تي گلگت بلتستان جي ترقيءَ ۾ اين ايڇ اي جي اهم ڪردار ۽ ان ۾ واڌ بابت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نجڪاري واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته گلگت بلتستان جا ماڻهو محبِ وطن آهن ۽ پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سبب ملڪ ۾ هڪ نمايان مقام رکن ٿا. گلگت بلتستان جي ترقي پاڪستان جي خوشحالي ۽ بهتريءَ لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وفاقي وزير چيو ته اين ايڇ اي گلگت بلتستان ۾ پنهنجو روڊ نيٽ ورڪ وڌيڪ بهتر ۽ وسيع ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ساليانو هزارين سياح گلگت بلتستان وڃن ٿا جيڪي ان علائقي جي مجموعي معاشي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. گلگت بلتستان ويندڙ سياحن کي اين ايڇ اي پنهنجي روڊ نيٽ ورڪ ذريعي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪري ٿو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته گلگت بلتستان جي بهتر مفاد ۾ آهي ته سياحن کان ٽول ٽيڪس وصول ڪيو وڃي. وصول ٿيندڙ ٽيڪس گلگت بلتستان ۾ اين ايڇ اي روڊ انفراسٽرڪچر جي وڌيڪ بهتريءَ لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو. گلگت بلتستان جا مقامي شهري ڄاڻايل ٽول ٽيڪس کان آجا هوندا. وفاقي وزير چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل سهڪار سان عوام لاءِ بهترين نتيجا ممڪن بڻائي سگهون ٿا. گلگت بلتستان جي ترقيءَ ۾ اين ايڇ اي جو پنهنجو ڀرپور ڪردار جاري رکندو. هن چيو ته گلگت بلتستان جي حڪومت طرفان اين ايڇ اي جي ڪردار ۾ وڌيڪ بهتريءَ لاءِ تجويزن جي آجيان ڪنداسين. وزيراعليٰ ان موقعي تي چيو ته گلگت بلتستان سان محبت ۽ علائقي جي ترقيءَ لاءِ گرمجوشي ساراهه جوڳي آهي. گلگت بلتستان جي حڪومت جا لاڳاپيل ادارا اين ايڇ اي جي سهڪار سان علائقي جي ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهن.