راولپنڊي-07 فيبروري (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 3 دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر موجب 6 ۽ 7 فيبروري جي وچ واري رات سيڪيورٽي فورسز اُتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجين جي ٺڪاڻن کي مؤثر انداز ۾ نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 خوارجي مارجي ويا، جيڪي برقعا پائي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. مارجي ويلن خوارجين وٽان هٿيار ۽ گوله بارود هٿ آيو، جيڪي علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث رهيا هئا. علائقي کي وڌيڪ خوارجين کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ جي ناسور جي مڪمل خاتمي لاءِ پُرعزم آهي.