راولپنڊي-07 فيبروري (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان هنگري جي اسٽيٽ سيڪريٽري ۽ بچاءَ واري ڊپٽي وزير تماث وارگا جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊيءَ ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻَڌل تعاون جا نوان موقعا تلاش ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو ويو. معزز مهمان پاڪ فوج جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سندن قربانين جون اعتراف ڪيو.