اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور تاشقند ۾ منعقد ٿيو ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارمز جي ذريعي تعاون بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جاري پڌرائي ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته 5 فيبروري 2025ع تي تاشقند (ازبڪستان) ۾ پاڪستان – ازبڪستان ٻطرفي سياسي مشاورت (بي پي سي) جو ٽيون دور منعقد ڪيو ويو. پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري سيد علي اسد گيلاني ڪري رهيو هو جڏهن ته ازبڪ وفد جي قيادت پرڏيهي معاملن جي اول نائب پرڏيهي وزير مسٽر الوئيف باخرم جون جورابويوچ ڪئي. ڌرين سياسي ۽ بين الپارلياماني لاڳاپن سان گڏوگڏ معيشت، توانائي، واپار، سيڙپڪاري، تعليم، ثقافت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون سميت وسيع پئماني تي ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو. مشاورت دوران اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ملڪن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. عالمي ۽ علائقائي پليٽ فارمز جي ذريعي بهتر تعاون تي زور ڏنو ويو. ٻطرفي لاڳاپن جي بلندي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڌرين ان رفتار کي برقرار رکڻ ۽ گڏيل مفادن جي سمورن معاملن تي ويجهي تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور گڏيل طور تي طئي ٿيل تاريخن تي پاڪستان ۾ ٿيندو.