اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊيجيٽل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ پيڪا قانون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت نيڪ نيتي سان پيڪا ايڪٽ جي قانونسازي ڪئي آهي، ڊيجيٽل ميڊيا تي چيڪ نه هجڻ سان سنگين سماجي مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا، ڪميٽي مناسب سمجهي ته صحافتي تنظيمن ۽ ٻين ڌرين جي حوالي سان اجلاس گهرائي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي لاءِ جامع منصوبابندي ڪئي آهي، ادارن کي مالي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، وزارت جون مسواڙ تي موجود آفيسون ختم ڪري پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي حڪومتن کي چيو آهي ته نجي ٽي وي چينلز وانگر پي ٽي وي کي پڻ اشتهار ڏنا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ قومي اسيمبلي ميمبر پولين بلوچ جي صدارت ۾ منعقد قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊيجيٽل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ پيڪا قانون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا تي چيڪ نه هجڻ سان تشدد تي اتساهڻ سميت سنگين سماجي مسئلا جنم وٺي سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت نيڪ نيتي سان پيڪا ايڪٽ جي قانونسازي ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪميٽي مناسب سمجهي ٿي ته صحافتي تنظيمن ۽ ٻين ڌرين جي حوالي سان اجلاس گهرائي. اسٽينڊنگ ڪميٽي ميڊيا قانونن بابت خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ ڌرين بشمول پريس ڪلبن سان مشاورت جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ايندڙ هفتي فالو اپ ميٽنگ منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين ۽ ميڊيا جون ڌريون ان مسئلي جو جامع حل جوڙڻ جي لاءِ شامل هوندا. اجلاس دوران اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي هلندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي جو جائزو ورتو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ريڊيو ۽ پي ٽي وي کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ جي لاءِ جامع منصوبابندي ڪئي آهي، ڳوٺاڻي علائقن ۾ سرڪاري ميڊيا نيٽ ورڪ کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اضافي بجيٽ جي ضرورت آهي، ان بجيٽ سان موجوده اليڪٽرانڪ اوزارن کي پڻ اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن 14 ماهرن تي ٻڌل ٿنڪ ٽينڪ قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو. ان قدم جي لاءِ مخصوص ڪيل ڪل بجيٽ 204 ملين رپيا هئي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پي ٽي وي ۾ اندروني مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته اسان نجي ميڊيا ادارن جيڪي پنهنجي عملي کي وقت تي پگهارن جي ادائيگي ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا، جي ابتڙ پنهنجي ملازمن کي پگهارن جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻايو آهي. وفاقي وزير گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پي ٽي وي سينٽر جي وڏي منصوبي جو پڻ ذڪر ڪيو جيڪو خطي جي شاگردن کي انٽرن شپ جي سهولت فراهم ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي اسپورٽس چينل جي بهتري بابت تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پي ٽي وي اسپورٽس ريٽنگ ۾ سمورن اسپورٽس چينلز کان اڳتي آهي. هن چيو ته اداري مان ڪرپٽ عنصرن کي هٽايو ويو آهي، هڪ مضبوط ٽيم جوڙي وئي آهي جنهن جا مثبت نتيجا نڪتا آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪوريج وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن پي ٽي آءِ دور ۾ ٿيندڙ مالي نقصانن جي معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته هڪ تڪراري ٺيڪي جي حوالي سان ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي، اميد آهي اهو تڪراري ڪانٽريڪٽ ملتوي ٿيڻ سان پي ٽي وي جي آمدني ۾ ٻيڻو اضافو ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قومي نشرياتي ادارا صوبائي حڪومتن کي وسيع ڪوريج فراهم ڪن ٿا پر صوبائي حڪومتن پاران پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي لاءِ اشتهار مخصوص نه ٿا ڪيا وڃن. صوبائي حڪومتن کي چيو آهي ته نجي ٽي وي چينلز وانگر پي ٽي وي کي به اشتهار جاري ڪيا وڃن. اجلاس ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي ملڪيتن جي مسواڙن جي معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان اجلاس کي ٻڌايو ته سرڪاري ادارن جي ملڪيتن جي مسواڙ جو تعين هائوسنگ واري وزارت ڪري ٿي. ڪميٽي ٻنهي ادارن جي مسواڙن تي ورتل ملڪيتن جا تفصيل ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتا. اجلاس جي پڄاڻي ميڊيا قانونن جي لاءِ متوازن موقف جي ضرورت تي اتفاق راءِ سان ٿي جنهن سان اظهار راءِ جي آزادي ۽ جوابدهي ٻنهي کي يقيني بڻايو وڃي. ڪميٽي جي ميمبرن پاڪستان ۾ ميڊيا انڊسٽري کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن سحر ڪامران، آسيه ناز تنولي، ڪرن عمران ڊار، سيد امين الحق، مولانا عبدالغفور حيدري کانسواءِ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن سميت وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.