بيجنگ – 05 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بيجنگ ۾ چين جي قومي هيروز جي يادگار جو دورو ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر چين جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ هيروز جي يادگار تي گل چاڙهيا. صدر چين جي هيروز جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پڻ پيش ڪيو.