بيجنگ – 05 – فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين چائو لي چي ملاقات ڪئي جنهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري عملي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين چائولي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سدا بهار دوستي کي اجاگر ڪيو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي دوستي ڏهاڪن ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد پاڪ چين دوستي جو بنياد آهي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ جاري عملي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، بنيادي ڍانچي ۽ زرعي شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ڌرين پاڪ چين اقتصادي لنگهه 2.0 جي اعليٰ معيار جي ترقي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه عوام جي خوشحالي تي مرڪوز ترقي جو هڪ روشن مثال آهي. ملاقات ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا ۽ سي پيڪ سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم ۾ شرڪت سميت اداراجاتي رابطا مضبوط بڻائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.