اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان جو مسلسل اهو موقف رهيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب پرامن حل ضروري آهي. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته گڏيل قومن کي انهن واعدن جو احترام ڪرڻ گهرجي جيڪي هن 77 سال اڳ ڪيا هئا، ڄمون ۽ ڪشمير بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، پاڪستان پنهنجي پاران ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي لاءِ اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته هر سال ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙو ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي اظهار جي لاءِ ملهايو وڃي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ اها ڳالهه چئي وئي آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي مرضي موجب ڪيو ويندو جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاد ۽ غيرجانباڻي ريفرنڊم جي جمهوري طريقي سان ڪيو ويندو. هن چيو ته گذريل 77 سالن ۾ ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خواهشن کي دٻائڻ جون مسلسل ڪوششون ڪيون، 5 آگسٽ 2019ع جو غيرقانوني ۽ هڪطرفو قدم گڏيل قومن جي چارٽر، چوٿي جنيوا ڪنوينشن ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن سميت عالمي قانون جي کلي خلاف ورزي آهي. اسحاق ڊار چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ڪشمير تي پنهنجو قبضو وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوششن ۾مصروف آهي، جڏهن ته ملڪي قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن يا انتظامي قدمن جي ذريعي ڪشميري عوام جي حقيقي امنگن کي مجروح نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته اڄ ڀارت پنهنجي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف ۽ هراس جو ماحول پيدا ڪري رکيو آهي، سياسي قيدين جو انگ هزارن ۾ آهي، اختلاف ڪندڙن جي ملڪيتن کي سزا جي طور تي ضبط ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته انساني حقن جي محافظن کي آزاداڻي طور تي پنهنجي سرگرمين جي اجازت نه آهي، ان پس منظر ۾ ڀارت کي ڄمون ۽ ڪشمير تائين غيرمحدود پهچ جي اجازت ڏيڻ گهرجي ته جيئن اتان جي صورتحال بابت سڌوسنئون معلومات حاصل ڪري سگهجي.