ڪوئيٽا – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهتو هو. ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سي ايم ايڇ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو جتي هن سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي عيادت ڪئي. هن بعد ۾ ڪوئيٽا ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪئي.