ڪوئيٽا – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اسان جا بهادر فرزند رت جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن، هي اهي عظيم قربانيون آهن جن جي ڪري پاڪستان عظيم بڻجي سرخرو ٿيندو، دهشتگرد بلوچستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن، شرپسند عنصرن جون بزدلاڻيون ڪارروايون بلوچستان جي ترقي جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ امن امان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي شرط آهي، اڄ سياسي تفريق يا سياست جو وقت نه آهي، قوم کي درپيش چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اتحاد ۽ اتفاق وقت جي ضرورت آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوئيٽا ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال، ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ٻين اهم صوبائي معاملن تي بريفنگ ڏنيوئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته قلات ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، 18 جوانن شهادت ماڻي ۽ 23 خوارج جهنم ڀيڙا ٿيا. پاڪستان ۾ دهشتگردي جي جيڪا لهر ٻيهر آئي آهي ان جي خاتمي جي لاءِ اسان جا بهادر فرزند رت جا نذرانا ڏئي رهيا آهن. آئون سمجهان ٿو ته هي اهي عظيم قربانيون آهن جن جي ڪري نه رڳو پاڪستان عظيم بڻجندو پر سرخرو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم انهن شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ انهن شهيدن جي گهرڀاتين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته مون سي ايم ايڇ ۾ قلات جي افسوسناڪ واقعي ۾ زخمي جوانن جي عيادت ڪئي اهي انتهائي حوصلي مند آهن. انهن جوانن جو چوڻ هو ته اسان کي هتي علاج جون بهترين سهولتون ميسر آهن ۽ انهن کي ڪو ملال نه آهي ته جيڪڏهن انهن جي جسم جو ڪو حصو ناڪاره ٿيو آهي ته اهو هن قوم جي عظيم ترقي جي مقصد جي لاءِ هي جيڪڏهن انهن کي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻو پوي ها ته اها وڏي قيمت نه هئي. وزيراعظم چيو ته مون کي اميد آهي ته اهڙن جوانن ۽ بهادر فرزندن جي هوندي، سپهه سالار جي قيادت ۾ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير جي سربراهي ۾ پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان جهڙي طرح فرض ادا ڪري رهيا آهن اهي پاڪستان، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه کي امن جو گهوارو بڻائيندا جيڪا پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر لاءِ لازمي شرط آهي. وزيراعظم قوم کي مخاطب ڪندي چيو ته اڄ سياسي تفريق يا سياست جو وقت نه آهي، اسان سياست بعد ۾ ڪري وٺنداسين پر اڄ قوم کي جهڙا وڏا چئلينج درپيش آهن ان جو اتحاد ۽ اتفاق سان مقابلو ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ امن هجي ته سياست به ٿيندي ۽ سياسي ميدان به سجندا. هن وقت اسان کي پنهنجون سموريون توانائيون پوري خلوص سان دهشتگردن جي مقابلي ۾ لڳائڻيون آهن. بدقسمتي اها آهي ته ماضي جي ڪجهه غلطين جي ڪري اسان جي بهادر جوان قوم جي فرزندن کي ٻيهر پنهنجو رت ڏئي انهن غلطين جو ازالو ڪرڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته قوم، سياسي قيادت ۽ پاڪستان جي 24 ڪروڙ ڀائرن ۽ ڀينرن جي خدمت ۾ گذارش ڪرڻ چاهيان ٿو ته اڄ اتحاد ۽ اتفاق جي جيتري ضرورت آهي شايد 78 سالن ۾ نه هئي. آئون پنهنجي عظيم سپوتن جي خاندانن، والدين ۽ مائرن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ته انهن ايترا بهادر جوان پيدا ڪيا جيڪي پنهنجي رت جي قرباني سان پاڪستان جي لاءِ نوان داستان لکي رهيا آهن. انشاءَ الله اسان گڏجي فتح ياب ٿينداسين ۽ پاڪستان سرخرو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد بلوچستان جي امن، ترقي ۽ خوشحالي جا دشمن آهن، اهي نه ٿا چاهين ته بلوچستان جا ماڻهو خوشحال، نوجوان تعليم يافته ۽ برسر روزگار هجن. بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. بلوچستان جي ترقي جو سفر جاري رهندو. بلوچستان ۾ صحت ۽ تعليم جون معياري سهولتون، روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. تازو ئي چين ۾ زرعي شعبي جي جديد تربيت جي لاءِ ويندڙ شاگردن ۾ بلوچستان جي شاگردن جي خصوصي ڪوٽا رکي وئي. يوٿ پروگرام، وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم جي ذريعي بلوچستان جي شاگردن کي بااختيار بڻايو پيو وڃي. بلوچستان ۾ زراعت جي ترقي جي لاءِ زرعي ٽيوب ويلز جي سولرائيزيشن ڪئي وئي آهي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان سي پيڪ جي تڪميل تي ڪم تيزي سان جاري آهي، گوادر ايئرپورٽ تي اڏامن جي اچ وڃ شروع ٿي چڪي آهي. گوادر بندرگاهه وچ ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ باقي دنيا جي وچ ۾ پاڪستان کي هڪ اهم رابطو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. عسڪري قيادت، سپهه سالار ۽ فوج پاڪستان حڪومت سان گڏجي پرامن بلوچستان جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن. مون سميت پوري قوم بلوچستان جي امن جي لاءِ ڪوششون ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين ادارن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، بجلي واري وفاقي وزير اويس لغاري، قومي اسيمبلي ميمبر جمال ڪاڪڙ، بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي، صوبائي وزير محمد سليم کوسا ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.