اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جنوري ۾ مهانگائي 9 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ قدمن جي صحيح رخ ۾ هجڻ جي سَند آهي، پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ معاشي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته سال 2024ع جي شروع ۾ مهانگائي جي شرح 28.73 سيڪڙو هئي جيڪا ڊسمبر 2024ع ۾ 4.1 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي، جنوري 2025ع ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ ٿي 2.4 سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيڻ انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ بهتري اچي رهي آهي، مهانگائي ۾ لاڳيتو گهٽتائي سان سمورن شعبن ۾ ترقي جا مثبت اشارا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ قدمن جي صحيح رخ ۾ هجڻ جي سَند آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي، عام ماڻهو جي زندگي ۾ بهتري ۽ قومي ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهي آهي.