لاهور-03 جنوري (اي پي پي) پاڪستان، نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندڙ 3 ملڪي ڪرڪيٽ سيريز لاءِ سخت سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. گهرو معاملن واري وزارت 5 کان 10 فيبروري لاءِ لاهور ۾ آرمي ۽ رينجرز جي مقرريءَ جي منظوري ڏني. لاهور ۾ ڪرڪيٽ ميچز دوران پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان رينجرز پنجاب جي 1-1 ڪمپني مقرر ٿيندي. 8 ۽ 10 فيبروريءَ جون ميچون قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون. گهرو کاتي پنجاب جي ترجمان موجب گهرو وزير پوليس جي درخواست تي وفاقي حڪومت کي خط لکيو. لاهور ۾ ٻن ميچن کانپوءِ 12 ۽ 14 فيبروريءَ جا ميچز ڪراچيءَ ۾ کيڏيا ويندا.