اسلام آباد-02 فيبروري(اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪ قطر ٻطرفي سياسي صلاح مشوري جي ٻئي دور لاءِ ٺوس نتيجي جوڳيون تياريون ڪيون وڃن. پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ،پرڏيهي وزير جي صدارت هيٺ دوحا ۾ ٿيل پاڪ قطر ٻطرفي سياسي صلاح مشوري جي ٻئي دور جي تيارين جي جائزي لاءِ بين الوزارتي اجلاس منعقد ٿيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي پاڪ قطر ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ مختلف قدمن جي صورتحال جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته دوحا ۾ ٺوس ۽ نتيجي جوڳين ڳالهين لاءِ تياريون ڪيون وڃن.