اسلام آباد-02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هلندڙ سال جي پهرين قومي پوليو جي روڪٿام واري مهم جو باضابطه آغاز ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان منعقد تقريب ۾ وزيراعظم 5 سالن کان گهٽ عمر جي ننڍي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ جي مهم جو باقاعده آغاز ڪيو. تقريب ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر عائشه رضا فاروق، قومي صحت واري وزارت جو ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر اعجاز احمد ڀرٿ، پوليو جي خاتمي واري مهم جي قومي ۽ عالمي حصيدارن کانسواءِ اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.