اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان سربيا ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سربيا پاران وفد جي سربراهي سيڪريٽري آف اسٽيٽ دامجان جووڪ ڪري رهيو هو. ڌرين سياسي لاڳاپن، واپاري ۽ اقتصادي تعاون ۽ عوامي رابطن سميت ٻطرفي ايجنڊا جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.