لاهور-31 جنوري (اي پي پي) پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو آهي ته پي سي بي جي پوري ٽيم چيمپئنز ٽرافيءَ جي تيارين ۾ مصروف آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 فيبروريءَ تي قذافي اسٽيڊيم جو افتتاح ڪندو. چيمپئنز ٽرافيءَ جي افتتاحي تقريب 16 فيبروريءَ تي ٿيندي. ٽيم جي چونڊ تي سليڪشن ڪميٽي فيصلو ڪندي. اهڙو اظهار هن قذافي اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو. محسن نقوي چيو ته چيمپئنز ٽرافي اسان سڀني لاءِ هڪ اهم ايونٽ ۽ پي سي بي جي پوري ٽيم ان جي تيارين ۾ مصروف آهي. آءِ سي سي جي سمورن آفيشلز کي دعوت ڏني وئي آهي. چيمپئنز ٽرافي ۾ ايندڙ مهمانن لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته قذافي اسٽيڊيم کي ڪنوار جيان سينگارڻ شروع ڪيو ويو آهي. سيپٽمبر ۾ قذافي اسٽيڊيم جو ڪم شروع ٿيو هو، جنهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 31 جنوري جو واعدو ڪيو ويو هو جيڪو هاڻ مڪمل ٿي چڪو آهي. چئن مهينن جي مختصر مُدي ۾ نئون اسٽيڊيم جديد سهولتن سان تيار ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جديد ترين عالمي سهولتن سان اسٽيڊيم تيار ڪيو ويو آهي. نيون جديد ڪُرسيون پڻ لڳايون ويون. رانديگرن سان گڏ شوقين به نون سهولتون مان لطف اندوز ٿيندا. هن چيو ته چيمپئنز ٽرافي جي افتتاحي تقريب 16 فيبروريءَ تي ٿيندي. 7 فيبروريءَ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف قذافي اسٽيڊيم، جڏهن ته 11 فيبروريءَ تي صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ڪراچي اسٽيڊيم جو افتتاح ڪندا. اسان جي پوري ٽيم ڏينهن رات محنت سان ڪم ڪيو ۽ ناممڪن ٽاسڪ کي ممڪن بڻايو. محسن نقوي چيو ته چيمپئنز ٽرافي ٽورنامينٽ پاڪستان جي عزت ۽ اسان پنهنجي وطن جي عزت ۾ واڌ ڪنداسين. هن ايف ڊبليو او جي ٽيم کي خاص طور شاباش ڏني. محسن نقوي چيو ته بارڊر جي ٻئي طرف ماڻهو آهن جيڪي پٿر لڳڻ تي به واويلا مچائڻ لاءِ ويٺا آهن. ڀارت سميت سمورن ڪرڪيٽ بورڊز کي چيمپئنز ٽرافي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي. ڪجهه ماڻهو افتتاحي تقريب ۾ ايندا، ڪجهه سيمي فائنل ۽ ڪجهه فائنل ۾ ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن 3 اسٽيڊيمز جي نئين سر تعمير لاءِ پئسا رکيا ويا جن ۾ قذافي اسٽيڊيم، لاهور، نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۽ پنڊي اسٽيڊيم شامل آهن. قذافي اسٽيڊيم لاهور جي جلد تعمير جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو. ايف ڊبليو او ڏينهن رات ڪم ڪري قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير کي مڪمل ڪيو. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو ڪم به ڪافي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته پنڊي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير جاري آهي. اسان جي خواهش هئي ته چيمپئنز ٽرافي کان اڳ پنڊي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير مڪمل ٿي وڃي، جنهن لاءِ اسان ڪافي جدوجهد ڪئي پر اهو ڪم پورو نه ٿي سگهيو، جنهن کي اسان چيمپئنز ٽرافي کان پوءِ مڪمل ڪنداسين. راولپنڊي- اسلام آباد ۾ جديد قسم جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم بڻايو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته قذافي اسٽيڊيم جي نئين سر تعمير اهڙيءَ طرح ڪئي وئي آهي جو اسٽيڊيم ۾ سيٽن تي ويٺل ڪرڪيٽ جي شوقينن کي بهترين طريقي سان ميچون ڏسڻ لاءِ ملنديون. اسٽيڊيم جي بلڊنگ ۾ وڌيڪ ڪابه جاءِ شامل نه ڪئي وئي پر ان عمارت جي سهڻي طريقي سان نئين سر تعمير ڪئي وئي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ محسن نقوي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ هڪ خودمختيار ادارو آهي، پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ حڪومت کان ڪابه گرانٽ يا رقم نٿي وٺي پر پنهنجي آمدنيءَ کي ڪرڪيٽ جي بهتريءَ تي خرچ ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو ۽ خرچ پڻ ڪري رهيو آهي. صائم ايوب جي طبيعت جي حوالي سان پُڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪرڪيٽر صائم ايوب جي طبيعت هاڻ اڳ کان بهتر آهي پر مڪمل ٺيڪ ٿيڻ ۾ کيس وقت لڳندو. ڊاڪٽرن صائم ايوب جي مڪمل صحتيابيءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن هفتن جو چيو آهي. اميد آهي ته هو جلد صحتياب ٿي ٽيم ۾ شامل ٿيندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پي سي بي جي چيئرمين چيو ته 2026ع ۾ ريڊ ۽ وائيٽ بال جون ڌار ڌار ٽيمون ٺاهينداسين جيستائين ٽيمن جي چونڊ جو معاملو آهي ته اها چونڊ ڪميٽي تي پورو ڀروسو آهي، ان پهرين به بهتر فيصلا ڪيا آهن. اميد آهي ته سٺي ٽيم چونڊجندي. هن چيو ته اسٽيڊيمز جي نئين سر تعمير ۾ مخالفن تنقيد ڪئي پر اسان جو دامن صاف ۽ اسان پنهنجو معاملو الله تي ڇڏيون ٿا، ڪجهه ماڻهن جو ڪم صرف تنقيد ڪرڻ هوندو آهي. مخالف ڌر تنقيد اصلاح لاءِ ڪري ته اهو ان جو بنيادي حق آهي پر بي بنياد الزام نه لڳائي.