اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته سوشل ميڊيا جا خطرا روڪڻ جي لاءِ پيڪا ايڪٽ هڪ سٺو قدم آهي، ان سان ميڊيا ۽ اخبارن کي ڪي مسئلا نه ٿيندا، ان جا اڃان رولز تيار ٿيڻا آهن، مشاورت جي گنجائش موجود آهي، مشاورت ۾ سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلنداسين، صحافتي تنظيمن کي ان قانون جي حمايت ڪرڻ گهرجي. پيڪا ايڪٽ جي حوالي سان صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ جي منظوري کانپوءِ صدر پيڪا ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون ڪيون جيڪو هاڻي قانون جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جي ذريعي فيڪ پروپئگنڊه، جعلي خبرون، هراسمينٽ، ٻارن سان بدسلوڪي جهڙيون نامناسب خبرون ڦهلائڻ ۽ ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ڏسندي پيڪا ايڪٽ ترميمي بل جي منظوري کي مناسب سمجهيو ويو، پيڪا ايڪٽ جو بنيادي مقصد سوشل ميڊيا جي ذريعي ٿيندڙ نقصانن جو تدارڪ ڪرڻ آهي، سوشل ميڊيا تي ملڪ ۾ افراتفري ڦهلائي وڃي ٿي، معيشت جي حوالي سان غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ماڻهن کي هراسان ڪيو وڃي ٿو، انهن تي ڪوڙيون فتوائون لڳايون وڃن ٿيون، توهين جو الزام هڻي واجب القتل قرار ڏنو وڃي ٿو، عورتن کي بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو جنهن سان نفسياتي مسئلا جنم وٺن ٿا. وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا جي خطرن ۽ غلط استعمال جي تدارڪ جي لاءِ پارليامينٽ ضروري سمجهندي پيڪا ايڪٽ جي منظوري ڏني، پيڪا ايڪٽ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ خطرن جي تدارڪ جي لاءِ آندو ويو آهي. هن چيو ته سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اٿارٽي ۾ نجي شعبي مان نامزدگيون ڪيون وينديون، ان اٿارٽي ۾ پريس ڪلب يا صحافتي تنظيمن سان واڳيل صحافين کي شامل ڪيو ويندو، ٽربيونل ۾ پڻ صحافين ۽ آءِ ٽي پروفيشنل کي رکيو ويو آهي. هي اهي ماڻهو آهن جن جو ڪنهن پريس باڊي، پريس ايسوسيئيشن سان ڪو واسطو يا ميميبرشپ هوندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پيڪا ٽربيونل جي فيصلي جي خلاف اپيل بابت وڏو ابهام ڏٺو پيو وڃي، ان ۾ هر شيءَ صاف آهي، جهڙي طرح فيڊرل سروس ٽربيونل جي فيصلي جي خلاف اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ڪئي وڃي ٿي، اهڙي طرح پيڪا ٽربيونل جا فيصلا به چئلينج ڪري سگهبا. ٽربيونل تي لازم آهي ته اهو 24 ڪلاڪن جي اندر زباني آرڊر پاس ڪندو، ان آرڊر کي رٽ پٽيشن جي ذريعي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهبو ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ به اپيل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ان قانون تحت اڃا رولز ٺهڻا آهن، ان ۾ مشاورت جي به گنجائش موجود آهي، مشاورت ۾ سمورين ڌرين کي گڏ کڻي هلنداسين. سوشل ميڊيا جي خطرن کي روڪڻ جي لاءِ هي هڪ سٺو قدم آهي، بدامني کي روڪڻ جي لاءِ هي قانون ڪارائتو ثابت ٿيندو. هن چيو ته سمورين صحافتي تنظيمن کي ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي، رولز ۽ مشاورت تي اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته پيڪا ايڪٽ ۾ دنيا جي بهترين کي اختيار ڪيو ويو آهي. ان ۾ ڪا تڪراري شق آهي ته سامهون آڻين، اسان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا فيڪ نيوز جو تدارڪ تڪراري آهي؟ ڇا سوشل ميڊيا جي حوالي سان جوڙيل نظام تڪراري آهي؟ هن چيو ته صحافتي تنظيمن کي ان قانون جي حمايت ڪرڻ گهرجي ۽ ان قانون تحت رولز جي تياري ۽ مشاورت تي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته اڃان تائين ان ۾ ڪا تڪراري شيءَ ناهي آندي وئي. هن چيو ته احتجاج هر هڪ جو حق آهي، دنيا جي اندر سوشل ميڊيا لاء ۽ چيڪ اينڊ بيلنس موجود آهي، اولهندي ملڪن ۽ دنيا جي مهذب معاشري ۾ سوشل ميڊيا قانون موجود آهن، جڏهن پاڪستان ۾ ان قانون جي ڳالهه ٿئي ٿي ته ان تي احتجاج ته ٿي رهيو آهي پر شقن تي ڳالهه ڪير نه ڪري رهيو آهي ته فلاڻي شق تڪراري يا غلط آهي. هن چيو ته ٽربيونل ۽ سوشل ميڊيا پروٽيڪشن اٿارٽي ۾ نجي شعبي جا ماڻهو ۽ پريس ڪلب جا صحافي شامل آهن ۽ ان سان گڏوگڏ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ پڻ انهن کي اپيل ۽ رٽ پٽيشن جو حق ڏنو ويو آهي ته پوءِ خوف ڪهڙي ڳالهه جو آهي، هي قانون رڳو سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي معاشري ۾ بدامني، ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس ڦهلائڻ جي تدارڪ جي لاءِ آندو ويو آهي، ان ۾ ڪا اعتراض جوڳي ڳالهه نه آهي. وفاقي وزير ورلڊ اڪنامڪ فورم جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان جي جنريشن جو سڀ کان وڏو خطرو سوشل ميڊيا جي ذريعي ڦهلائي ويندڙ ڊس انفارميشن آهي، عالمي ادارا ان تي ڳالهه ڪري رهيا آهن، دنيا جا مهذب ملڪ ان تي هڪ صفحي تي آهن ۽ ان حوالي سان پنهنجي قانونسازي ڪري رهيا آهن ته پوءِ پاڪستان ۾ ان کي ڇو خراب سمجهيو پيو وڃي.