ڪراچي-31 جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صنعتڪارن جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي صدارت هيٺ هڪ گڏيل “فيسليٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي” قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وڏي وزير هڪ الڳ اجلاس ۾ ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ترقياتي ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي۔ ان سلسلي ۾ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيا۔ صنعتڪارن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وڏي وزير روينيو کاتي ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته اهي قبضا مافيا خلاف ڪارروائي ڪن ۽ صنعتڪارن جي درپيش سڀني روينيو ۽ پوليس سان لاڳاپيل مسئلن کي حل ڪن. هن چيو ته صنعتڪارن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي هئي ۽ چيئرمين انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ واضح هدايتون جاري ڪيون هيون. مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته “فيسليٽيشن اينڊ ڪوآرڊينيشن” ڪميٽي جي قيام لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي، جنهن ۾ آباد سميت مختلف صنعتي تنظيمن جا سربراهه شامل هوندا ته جيئن انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي. هن سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءُ الله انڙ ۽ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ کي صنعتي علائقن مان سڀني حددخلين کي ختم ڪرڻ ۽ گرين بيلٽ بحال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن هدايت ڪئي ته صنعتڪارن سان گڏ موجوده ۽ مستقبل جي سيڙپڪاري لاءِ سهولتن سان لاڳاپيل تجويزن تي ڪم ڪيو وڃي. وڏي وزير نيڪال، پاڻي جي فراهمي ۽ روڊن سان لاڳاپيل مسئلن جو جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته شهر جي صنعتي علائقن ۾ ڪجهه روڊ ايسوسيئيشن جي ڪوششن سان تعمير ڪيا ويا آهن ۽ انهن تي ڪم جاري آهي. هن هدايت ڪئي ته روينيو کاتو صنعتڪارن جا مسئلا فوري طور تي حل ڪري ۽ چيو ته چيف سيڪريٽري روينيو آفيسن جي رپورٽن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري. مراد علي شاهه صنعتي ترقي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو ته ان سان قومي معيشت کي وڌيڪ استحڪام ملندو.

هڪ ٻئي اجلاس دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جو تعميراتي ڪم 10.6 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي. سست رفتاري تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي هن پنهنجي خاص مددگار کي هدايت ڪئي ته تعميراتي ڪم کي تيز ڪيو وڃي ۽ باقاعده اڳڀرائي رپورٽون فراهم ڪيون وڃن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بجلي جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته گئس جي فراهمي جو ڪم جاري آهي. وڏي وزير چيو ته زون لاءِ پاڻي جي فراهمي جو نظام پڻ مڪمل ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهي. مراد علي شاهه پنهنجي خاص مددگار کي هدايت ڪئي ته 10 ايم جي ڊي پائيپ لائين وڇائي وڃي ۽ منصوبو فيبروري 2025 تائين مڪمل ڪيو وڃي. جڏهن وڏي وزير اندروني روڊن جي حالت بابت پڇيو ته منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير ناصر شاهه چيو ته ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ تحت تعميراتي ڪم جاري آهي ۽ 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. ان تي وڏي وزير منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ترقياتي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اجلاسن ۾ رٿابندي ۽ ترقي وارو وزير سيد ناصر شاهه، اينٽي ڪرپشن ۽ زراعت وارو وزير محمد بخش مهر، گهرو وزير ضيا لنجار، صنعت وارو وزير ڄام اڪرام، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڙپڪاري بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري انويسٽمينٽ راجا خرم، ڊي جي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ يونٽ اسد ضامن، سي اي او ايس اي زيڊ ايم سي عظيم عقيلي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.