اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي ۽ پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي تيارين بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيف آف نيول اسٽاف وزيراعظم کي پاڪ بحريه جي نائين امن مشقن ۽ پهرين امن ڊائيلاگ جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو.