اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اسان پاڪ چين دوستي جا امين ۽ محافظ آهيون، پاڪ چين دوستي اسان جي دلين جي ويجهو ۽ ورثي ۾ ملي آهي، اها ايندڙ وقتن جي محتاج نه آهي، ون بيلٽ ون روڊ پاڪ چين دوستي جو واضح ثبوت آهي، اسان جو قومي فرض آهي ته پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي اڳئين نسلن تائين پهچايون. اها ڳالهه هن پاڪ چائنا ميڊيا گروپ جي اهتمام هيٺ چين جي نئين قمري سال ۽ بهار جي موسم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ چين دوستي اسان کي پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ ملي آهي، جيڪا اسان جي دلين جي تمام ويجهو آهي. ان دوستي جو بنياد حڪومت سان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ گهري ۽ والهاڻي لاڳاپن تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سرحدن سان گڏوگڏ جبل ۽ رستا به شامل آهن. پاڪ چين دوستي مضبوط ٻنڌڻ آهي، جيڪا هماليه کان اونچي، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺـي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته هو پي اين سي اي جي ايڪسچينج پروگرام جو ڇهون ڀيرو حصو رهيا آهيون. چين جي جن شهرن ۾ به هو ويو اتي ڪڏهن ملڪ کان ٻاهر هجڻ جو احساس نه ٿيو، اتي سدائين پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو. وفاقي وزير چيو ته ان ڳالهه تي خوشي ۽ فخر آهي ته ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام ڪري ٿي. پاڪ چين دوستي جو لازوال سفر جاري آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ون بيلٽ ون روڊ صدر شي جن پنگ جو شاندار ۽ مثالي منصوبو آهي، ان سان معيشت جا ثمر ٻڌل آهن. هن چيو ته سي پيڪ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان ٻئي مرحلي طرف وڌي رهيا آهيون. گوادر ايئرپورٽ جو افتتاح ٿي چڪو آهي ۽ پهرين فلائيٽ به لينڊ ٿي چڪي آهي، جيڪو هڪ وڏو سنگ ميل آهي. هن چيو ته ون بيلٽ ون روڊ پاڪ چين دوستي جو واضح ثبوت آهي، ان سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون واڳيل آهن، قراقرم شهر اترئين جابلو علائقن ۽ ريگستانن مان گذرندي گوادر تي ختم ٿئي ٿي جنهن کانپوءِ سمنڊ جو سفر شروع ٿئي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اسان پاڪ چين دوستي جا امين ۽ محافظ آهيون، اسان جو قومي فرض آهي ته پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي اڳئين نسلن تائين پهچايون. پاڪ چين دوستي ايندڙ وقتن، بهارن يا خزان جي محتاج نه آهي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته اها دوستي سدائين قائم رهي. پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀاءُ آهن، سدائين سٺو ۽ خراب وقت گڏ ڏٺو آهي. اهڙو وقت به ڏٺو جڏهن ٻنهي تي مشڪل آئي ته ٻئي هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي تازي چين جي دوري جي دوران صدر شي جن پنگ جي دعوت تي سندس اباڻي شهر شيان وياسين، دوستن جا ٿورائتا آهيون، جن سدائين تعاون فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪ چين دوستي جي مضبوطي جي لاءِ آخري ساهه تائين پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.