اسلام آباد-30 جنوري (اي پي پي) وفاقي حڪومت جي ڳاڻيٽي جي درستگي لاءِ قائم ڪابينه ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وزارت جي نئين سر تنظيم سازيءَ بابت سفارشون پيش ڪيون ويون. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ڪميٽيءَ جو اجلاس ڪالهه ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سڌ سماءَ ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن واري وزارت جي نئين سر جوڙجڪ بابت سفارشن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سفير سلمان احمد جي سربراهيءَ ۾ ذيلي ڪميٽي سفارشون پيش ڪيون. جامع مشاورت ماتحت کاتن جي دائره ڪار ۽ عوامي پاليسي تي اثرن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ اهي سفارشون جوڙيون ويون. سفارشن ۾ محڪماڻي گنجائش، مؤثر سرگرمين ۽ عوامي خدمتن جي بهتريءَ تي توجهه ڏني وئي. ذيلي ڪميٽي پنهنجي رپورٽن ۾ انضمام، فعال ڪري منتقل ڪرڻ ۽ ٽين ڌُر جي آڊٽ ۽ پائيداريءَ جي حاصلات لاءِ واضح مُدت ۽ هدفن جو تجويزون پيش ڪيون آهن. ڄاڻايل قدمن جو مقصد سڌ سماءَ ۽ قومي ورثي ثقافت ڊويزن واري وزارت ۾ مؤثر تنظيمي ڍانچي جي جوڙجڪ ۽ ڳاڻيٽي ۾ گهٽتائي آهي. ڪابينه ڪميٽي ڄاڻايل تجويزن تي سڌ سماءَ ۽ قومي ورثي ثقافت واري ڊويزن جي اعليٰ عملدارن جا تاثر ٻُڌا ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينيئر آفيسرن ڄاڻايل سفارشن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڊويزنن بابت ڪابينه ڪميٽي جون حتمي سفارشون جلد وفاقي ڪابينه کي منظوريءَ لاءِ پيش ڪيون وينديون.