اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ سربيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور 31 جنوري جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. سربيا پاران وفد جي سربراهي سيڪريٽري آف اسٽيٽ دامجان جووڪ ڪندو. ڌريون سياسي، واپاري ۽ عوامي رابطن سميت ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.