اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور 4 ۽ 5 فيبروري تي تاشقند ۾ ٿيندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورتي اجلاس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اوڀر ايشيا) سيد علي اسد گيلاني پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو.