واشنگٽن – 30 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته بدنام زمانه گوانٽانامو بي فوجي جيل ۾ 30 هزار غيرقانوني پناهگيرن کي قيد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو جيل 11/9 جي حملن بعد دهشتگردي جي شڪي ماڻهن کي رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. ڊونلڊ ٽرمپ اهو ڇرڪائيندڙ اعلان گذريل ڏينهن ان وقت ڪيو جڏهن هن لاڪن ريلي بل تي صحيحيون ڪيون ، جنهن تحت چوري ۽ تشدد جي ڏوهن جي الزام ۾ دستاويز نه رکندڙ پرڏيهن کي ڪيس کان پهريان حراست ۾ رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي . ان بل جو نالو جارجيا جي نرسنگ جي شاگردياڻي جي نالي تي رکيو ويو آهي جنهن گذريل سال وينزويلا جي هڪ شهري کي قتل ڪري ڇڏيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊز تي صحيحيون ڪري رهيو آهي جنهن ۾ پينٽاگون ۽ هوم لينڊ سيڪيورٽي ڊيپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته گوانٽانامو بي ۾ 30 هزار غيرقانوني پناهگيرن کي رکڻ لاءِ انتظام شروع ڪن. هن اقتدار جي ٻئي دور جي شروعات تي غيرقانوني پرڏيهين خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ڪرڻ جو وعدو ڪيو هو. ڊونلڊ ٽرمپ قتل ٿيل 22 سالن جي آمريڪي نرسنگ شاگردياڻي لاڪن ريلي جي والدين جي وائٽ هائوس ۾ ميزباني ڪئي . هن چيو ته اسان لاڪن جي ياد کي هميشه زنده رکنداسين . اڄوڪي قدمن سان سندس نالو به اسان جي ملڪ جي قانون ۾ هميشه زنده رهندو، هي انتهائي اهم قانون آهي. وائيٽ هائوس ۾ واپسي بعد اهو پهريون بل آهي جنهن تي ٽرمپ صحيحيون ڪيون آهن. 20 جنوري تي ٽرمپ جي حلف برداري جي رڳو ٻن ڏينهن بعد ريپبلڪنز جي قيادت هيٺ آمريڪي ڪانگريس ان کي منظور ڪيو هو.