ڪراچي-30 جنوري (اي پي پي) ڪاليج آف فزِيشنز اينڊ سرجنز پاڪستان (سي پي ايس پي) جو 58 هون ڪانووڪيشن، سي پي ايس پي هيڊڪوارٽر ۾ منعقد ٿيو. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه تقريب ۾ خاص مھمانِ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو، جڏهن ته بنگلاديش ڪاليج آف فزِيشنز اينڊ سرجنز (بي سي پي ايس) جي صدر پروفيسر محمد شاهد الله اعزازي مھمان جڏهن ته رائل ڪاليج آف فزِيشنز آف ايڊنبره جي صدر پروفيسر اينڊريو ايلڊر خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. سي پي ايس پي جي صدر پروفيسر محمد شعيب شفيع ڪانووڪيشن جو افتتاح ڪيو، جڏهن ته پروفيسر سيد خالد احمد اشرفي، ڪائونسلر (سي پي ايس پي) ، پوسٽ گريجويٽس کان حلف ورتو. پروفيسر محمد شعيب شفيع خطاب ڪندي چيو ته جنرل واجد اي برڪي کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا ، جنهن 1962ع ۾ صرف 50 ماهرن سان (سي پي ايس پي) جو بنياد رکيو. هن وڌيڪ چيو ته سي پي ايس پي جي تربيت جو نيٽ ورڪ پاڪستان ۽ عالمي سطح تي ماهر ڊاڪٽرن کي جديد طبي تربيت فراهم ڪري ٿو ۽ (سي پي ايس پي)،1962 ۾ فقط 2 فيلوشپ پروگرامز سان شروع ٿيو، هاڻ 88 فيلوشپ ۽ 22 ميمبرشپ پروگرام پيش ڪري ٿو، ۽ 52,122 کان وڌيڪ طبي ماهرن کي تربيت ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته اسان هن سال 897 ڊاڪٽرن کي ايف سي پي ايس فيلوشپ، 185 ڊاڪٽرن کي ايم سي پي ايس جون ڊگريون جاري ڪيون آهن، جنهن ريت ڪُل 1,082 ڊاڪٽرن کي مختلف اسپيشلٽيز ۾ ڊگرين سان نوازيو ويو آهي، سي پي ايس پي جي عالمي سڃاڻپ ماڻي چڪو آهي جنهن کي عالمي صحت جي اداري پڻ ساراهائيو آهي. پروفيسر اينڊريو ايلڊر، رائل ڪاليج آف فزِيشنز آف ايڊنبره جي صدر، سي پي ايس پي جي 40,000 هزار کان وڌيڪ فيلوز ۽ ميمبرز جي نيٽورڪ کي ساراهيو، خاص طور تي ميڊيڪل شعبن ۾ وڌندڙ عورتن جي شموليت تي خوشي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سي پي ايس پي جو مستقبل انهن نوجوان ماهرن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي اڄ گريجوئيشن ڪري چڪا آهن. هن تعليم پرائي نڪرندڙ ڊاڪٽرن کي خدمت، همدردي ۽ فرض شناسي لاءِ زور ڀريو ۽ سي پي ايس پي جي مسلسل ترقي جي واکاڻ ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ ڊاڪٽر رافعه حليم شيخ (سرجري – FCPS-II) ظفر الله چوڌري گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر مريم (ايڊلٽ ڪارڊيالاجي) پروفيسر اظهر فاروقي گولڊ ميڊل، ڊاڪٽر مريم کي (ايڊلٽ ڪارڊيالاجي) پروفيسر اظهر فاروقي گولڊ ميڊل ۽ ڊاڪٽر محمد اسامه (نيورو سرجري – FCPS-II) پروفيسر نقيب الله اچڪزئي گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو.ان کان علاوه ان موقعي تي ڊاڪٽر هنان سعيد نوناري کي به گائنوڪالاجي ۾ سي پي ايس پي جي ڊگري ڏني وئي.