اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سچي دل سان ڳالهين جي لاءِ تيار آهي، ملڪ انتشار جي ذريعي وڌيڪ ڪنهن به نقصان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، حڪومت جي ڏينهن رات ڪوششن ۽ قدمن جي ڪري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو ٿيندو، پاڪستان جي هٿياربند فوج، پوليس ۽ قانون لاڳوڪندڙ ادارا قربانين جا لازوال داستان لکي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم خوارج ۽ دهشتگردن جي تعاقب دوران انهن کي جهنم ڀيڙو ڪندي شهادت ماڻيندڙ ميجر حمزه اسرار ۽ سپاهي نعيم کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته ملڪ جي دفاع جي لاءِ قربانين جا لازوال داستان لکيا پيا وڃن، امن کانسواءِ ترقي ۽ خوشحالي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته خوارج ۽ دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ويندو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي پس منظر کان آگاهه ڪندي چيو ته اسان انهن ي ڳالهين جي آڇ قبول ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي ذريعي ڪميٽي جي جوڙجڪ کانپوءِ ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي، ڪميٽي چيو ته مطالبا لکي ڏنا وڃن جن جو جواب به لکت ۾ ڏيڻو هو پر مقرر تاريخ کان اڳ ئي پي ٽي آءِ ڳالهين کان ڀڄي وئي، ڪميٽي انهن سان گڏ ويهي ڳالهيون ڪرڻ جي درخواست ڪئي جيڪا انهن نه مڃي. وزيراعظم چيو ته 2018ع جي چونڊن کانپوءِ جڏهن اسان ڪاريون پٽيون ٻڌي ايوان ۾ داخل ٿياسين ته عمران نيازي چيو ته هو هائوس جي ڪميٽي ٺاهي رهيو آهي، انهن جي ٺاهيل ڪميٽي جو هڪ اڌ اجلاس ٿيو ان کانپوءِ اهو ڏينهن ويو ۽ اڄ جو ڏينهن اچي ويو آهي، اهي پنهنجي گريبان ۾ جهاتيءَ پائين، انهن جوڊيشل ڪميشن نه هائوس جي ڪميٽي ٺاهي هئي پر ان جي ڪارروائي کي به اڳتي نه وڌايو. وزيراعظم آڇ ڪئي ته پي ٽي آءِ اچي اسان هائوس ڪميٽي جي ڪارروائي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تيار آهيون، هائوس ڪميٽي 2018ع ۽ 2024ع جي چونڊن جي جاچ ڪري، اهڙي طرح ڪميٽي 26 نومبر جي ڌرڻي ۽ 2014ع جي ڌرڻي جو پڻ احاطو ڪري، ملڪ وڌيڪ ڪنهن به نقصان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ پاليسي ريٽ ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي جيڪو منهنجي حساب سان گهٽ آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ڪاروبار ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت هڪ ٽيم جي طور تي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم انساني اسمگلنگ سان سوين پاڪستانين جون جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان ڪاري ڌنڌي سان ملڪ جو تشخص ۽ وقار مجروح ٿي رهيو آهي، اسان انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ملڪ کي بدنام ڪندڙ ڪرپٽ عنصرن کي منطقي انجام تي پهچائڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين.