اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي آمريڪا جي تازي دوري ۽ ان دوران اهم آمريڪي عملدارن، ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفاقي گهرو وزير ملاقات دوران وزيراعظم کي چيمپيئنز ٽرافي منعقد ڪرڻ جي تيارين کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن تي هن محسن نقوي سميت بورڊ ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو. گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي ڪمن جي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو جنهن تي هن ڪم جي رفتار کي ساراهيو. ملاقات ۾ محسن نقوي وزيراعظم کي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروهن جي خلاف آپريشن تي اڳڀرائي ۽ تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو. گهرو وزير ملڪي امن امان جي صورتحال تي وزيراعظم کي بريفنگ پڻ ڏني.