اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي اسيمبلي جي ميمبر شائسته پرويز ملڪ کي عالمي تنظيم وومين پوليٽيڪل ليڊرز جي لاءِ پاڪستان پاران سفير چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته شائسته پرويز ملڪ جو وومين پوليٽيڪل ليڊرز جي لاءِ قومي نمائندي جي طور تي چونڊ سندس عورتن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ۽ ان ڏس ۾ ناقابل فراموش خدمتن جي عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته شائسته پرويز ملڪ جو بطور قانونساز پاڪستان ۾ عورتن جي حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته شائسته پرويز ملڪ وومين پوليٽيڪل ليڊرز جي پليٽ فارم ذريعي عالمي سطح تي پاڪستان جو نالو روشن ڪندي.