اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ 6 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪندي ميجر حمزه اسرار ۽ سپاهي محمد نعيم جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته قوم جي فرزندن جون عظيم قربانيون ضايع وڃڻ نه ڏينداسين، ملڪ دشمن عنصرن جي ڪڌي ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين. سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ متحرڪ آهن.