اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ گم ٿيل ماڻهن واري ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) فقير کوکر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم چيو ته مرحوم جسٽس (ر) فقير کوکر پنهنجي زندگي ۾ عدالتي خدمتن جي ذريعي ملڪ ۽ قوم جي بي مثال خدمت ڪئي، هو نه رڳو هڪ بهترين جج هو پر هڪ عظيم انسان پڻ هو جنهن پنهنجا فرض ايمانداري ۽ محنت سان سرانجام ڏنا، اسان سندس خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جسٽس (ر) فقير کوکر کي جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي. وزيراعظم مرحوم جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ استقامت جي پڻ دعا ڪئي.