اسلام آباد-29 جنوري (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان آمريڪي چارج ڊي افيئرز نٽالي اي بيڪر ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ مستقل ۾ تعاون جا نوان موقعا ڳولڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزارت مان جاري بيان موجب اربع ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان نٽالي اي بيڪر ۽ آمريڪي حڪومت کي اقتدار جي منتقلي جي ڪامياب عمل تي مبارڪو ڏنيون ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ٻنهي ڌرين ٻطرفي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ اهم اقتصادي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ زراعت جي شعبي ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ، خاص طور تي ٽيڪسٽائيل ۽ زرعي مصنوعات ۾ ويليو ايڊيشن تي زور ڀريو ويو. ٻنهي اڳواڻن ڪاٽن انڊسٽري ۾ ترقي جي موقعن ۽ معدنيات، ٽيڪسٽائيل ۽ قابل تجديد توانائي جهڙن امڪاني سيڙپڪاري جي شعبن جي نشاندهي پڻ ڪئي.