اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آمريڪا سان تعلق رکندڙ سيڙپڪار جينٽري بيچ جي قيادت ۾ عالمي سيڙپڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان جي سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت ۽ اميد جوڳي اقتصادي صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان ۾ ڪاروباري موقعن ۾ گهري دلچسپي تي ٿورا مڃيندي سازگار ڪاروباري ماحول، تيز تر ۽ پائيدار عملدرآمد ۽ مضبوط اداراجاتي تعاون کي يقيني بڻائي غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ، هنرمند، باصلاحيت ۽ نوجوان افرادي قوت ۽ تيزي سان پکڙجندڙ ڪنزيومر مارڪيٽ تي روشني وجهندي عالمي سيڙپڪاري جي منزل جي طور تي ملڪ جي منفرد منظرنامي جو ذڪر ڪيو. جينٽري بيچ پاڪستان جي بي پناهه اقتصادي صلاحيت کي ساراهيندي کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، قابل تجديد توانائي، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي سميت اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هن حڪومت جي سيڙپڪاري دوست پاليسين ۽ مستقبل ۾ ملڪ جي ترقي جي رفتار تي اعتماد جو اظهار ڪيو. اها اعليٰ سطح جي ملاقات سڌوسنئون غيرملڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ، پائيدار اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي فعال ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿي.