صدر پاران چين جي نئين سال/ بهار موسم جي ڏڻ جي موقعي تي چين جي صدر کي مبارڪباد
اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي نئين سال/ بهار موسم جي ڏڻ جي اچڻ جي موقعي تي عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ کي دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ”مضبوط دوستي“ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻطرفو تعاون مضبوط بڻائڻ ۽ دوستي جي ٻنڌڻ کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ بيجنگ ۾ چيني صدر سان خيالن جي ڏي وٺ جو منتظر آهيان. هن چيو ته پاڪستان ”ون چائنا“ پاليسي تي مضبوطي سان قائم رهندو جيڪو اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سدا بهار تعاون جي حصيداري آهي، ٻنهي ملڪن جي قيادت جي هر نسل جي اڻٿڪ ڪوششن بين الرياستي لاڳاپن جي ان منفرد ۽ مثالي ٻنڌڻ کي هٿي وٺرائي ۽ مضبوط ڪيو آهي. صدر خط ۾ پاڪ چين لاڳاپن ۽ پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي اڳتي وڌائڻ ۾ چيني صدر جي بصيرت انگيز قيادت جا ٿورا مڃيا. صدر پاڪ چين لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ صدر شي جن پنگ جي پختي حمايت خاص طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي اڳتي وڌائڻ ۾ ان جي بصيرت انگيز قيادت جي لاءِ ان جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. هن چيو ته چين 2024ع ۾ مختلف شعبن ۾ غيرمعمولي ترقي ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري خط ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار ۽ مسلسل وڌندڙ دوستي کي ساراهيو. صدر آصف علي زرداري صدر شي جن پنگ جي صحت، چيني عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.