اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ماضي جي چئلينجن جي باوجود ڊگهي مدي واري اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ صحيح رستي تي گامزن ٿيڻ جي ڪري پاڪستان جي اقتصادي واڌويجهه جي رفتار اميد جوڳي آهي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان جي واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري جا موقعا“ کي خطاب ڪندي نائب وزيراعظم 2013ع جي اهم موڙ تي روشني وڌي، جڏهن ملڪ شديد لوڊشيڊنگ، بي پناهه دهشتگردي ۽ خراب ٿيندڙ معيشت جي ويجهو بيٺل هو. هن چيو ته اسان جي پارٽي کي ملڪ جي خدمت جي لاءِ ٽيون ڀيرو موقعو مليو ۽ اسان معيشت، انتهاپسندي ۽ بجلي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ٽن ايز جي منشور کي ڪاميابي سان متعارف ڪرايو. هن چيو ته نتيجا واضح هئا ته ٽن سالن جي اندر پاڪستان 24هين وڏي معيشت بڻجي ويو، رڪارڊ بلند ترين پرڏيهي ذخيرا رڪارڊ ڪيا ويا ۽ ناڻي واڌ کي ڊبل ڊيجٽ کان گهٽ ڪيو ويو. هن چيو ته 2018ع کانپوءِ ملڪ کي ڏڪار کي منهن ڏيڻو پيو، ان جي معيشت 27هين نمبر تي اچي وئي ۽ مهانگائي ڊبل ڊجيٽس ۾ هلي وئي. سال 2022ع هڪ ٻيو بحران کڻي آيو جنهن ۾ معاشي ادارن ممڪن ڊيفالٽ جي اڳڪٿي ڪئي هئي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته پاڪستان بحران مان نڪري بحالي جي صلاحيت رکي ٿو. هن 2023ع جو حوالو ڏنو جڏهن ڪاروباري برادري پاڪستان جي ٻاهرئين قرضن مان مايوس هئي، جيڪي 130 بلين ڊالر تائين وڌي ويا هئا، پرڏيهي وزير چئلينجن جي باوجود پاڪستان جي وسيلن، صلاحيتن ۽ ترقي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته اسان وٽ تسلسل جي کوٽ آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ڪهڙي طرح ترقي جي دورن ۾ پاڪستان جو استحڪام اڪثر پٽڙي تان لهي وڃي ٿو. هن ممڪن ڊيفالٽ کي روڪڻ جي لاءِ ان وقت جي پي ڊي ايم حڪومت جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو، هن 182 ووٽن سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي ٻيهر چونڊجڻ جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته ملڪ عالمي سطح تي پنهنجو مقام ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي عالمي سفارتڪاري ۾ پڻ بحالي ڏٺي وئي آهي، ڪيترن ئي ملڪي سربراهن ملڪ جو دورو ڪيو ۽ تعليم جهڙن شعبن ۾ اهم عالمي تعاون ڪيو. هن ڇوڪرين جي تعليم تي ڪامياب عالمي ڪانفرنس جو پڻ حوالو ڏنو جنهن ۾ 47 ملڪن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم پاڪستان جي معاشي استحڪام بابت غلط فهمين کي پڻ رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته هن ٻاهرئين قرضن کي منهن ڏيڻ جي اهم ضرورت کي تسليم ڪيو، جيڪو هڪ اهم چئلينج آهي. هن حڪومت جي اهم قدمن مان هڪ اڏار پاڪستان پروگرام کي اجاگر ڪندي چيو ته ان جو مقصد ملڪ جي اقتصادي ترقي جي هدفن کي پورو ڪرڻ آهي. هن ڪاروباري برادري جي فعال شرڪت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ترقي ۽ واپار کي اڳتي وڌائڻ ۾ انهن جو اهم ڪردار آهي. هن وڌيڪ چيو ته روانگي واپار کي وڌائڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، جنهن جو هدف 10 بلين ڊالر جو روانگي واپار ۽ انهي سطح جو مٽاسٽا جو ناڻو آهي. هن وڌيڪ چيو ته متبادل استعمال ۾ آڻيندي درآمدات کي گهٽ ڪري، پاڪستان ٻاهرئين قرضن تي دارومدار گهٽ ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سرڪاري ملڪيتي ڪاروباري ادارن جي نجڪاري حڪومت جي حڪمت عملي جو هڪ ٻيو وڏو رخ آهي، نجڪاري جي لاءِ 24 ايس او ايز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. هن پاڪستان جي ڪارپوريٽ سيڪٽر تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) جي ممڪن نجڪاري سميت انهن قدمن ۾ اڳتي رهن. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري برادري وٽ پي آءِ اي جي خريداري وانگر وڏي پئماني تي ٽرانزيڪشنز جو انتظام ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اسان کي پاڪستاني ڪارپوريٽ گروپس جي ضرورت آهي ته اهي نجڪاري جي عمل ۾ فعال طور تي حصو وٺن. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اقتصادي ترقي، سياسي استحڪام ۽ تزويراتي نجڪاري سان پاڪستان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته ملڪ عالمي برادري ۾ وڌيڪ مستحڪم ۽ خوشحال مستقبل حاصل ڪرڻ جي رستي تي گامزن آهي.