اسلام آباد-28 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ايران، جاپان ۽ سويڊن جي سفيرن ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ايران جي سفير رضا اميري مقدم سان ملاقات دوران ڳالهائيندي اسپيڪر توانائي ۽ واپار جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي معيشت کي فائدو پهچي ۽ سرحدي علائقن ۾ رهندڙ عوام جي زندگي بهتر ٿي سگهي. اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ تي به زور ڀريو ته جيئن واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿ ملي سگهي. ايراني سفير ٻنهي ملڪن جي پراڻن لاڳاپن جو اعتراف ڪندي پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ اسپيڪر اياز صادق جي سهڪار کي ساراهيو ۽ چيو ته انهن لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ سان خطي ۾ استحڪام ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي.
جاپان جي سفير اڪاماتسوسوئيچي سان ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته نوجوان پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهن جن کي جاپان ۾ جديد فني شعبن ۾ تربيت ڏئي سگهجي ٿي. اسپيڪر، جاپان جي فني ۽ تعليمي ترقي کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ پارلياماني سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته ان سهڪار سان خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقي جو نئون دور شروع ڪري سگهجي ٿو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني وفدن جي ڏي وٺ جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي. اسپيڪر پارلياماني دوستي گروپس جي ڪردار کي به اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي زرعي شعبي ۾ موجود موقعا ٻنهي ملڪن لاءِ لاڀائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. جاپان جي سفير اڪاماتسوسوئيچي پاڪستان جي صلاحيتن جو اعتراف ڪندي اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ جاپان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن اسپيڪر جي واپاري ۽ معاشي لاڳاپن کي متنوع بنائڻ جي تجويز کي ساراهيندي پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ سهڪار جي خاطري ڪرائي.
سويڊن جي سفير اليگزينڊرز برگ وان لنڊي سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي اسپيڪر ٻنهي ملڪن جي سياسي اڳواڻن، پارليامينٽيرينز ۽ ڪاروباري برادري وچ ۾ باقائده رابطن جي اهميت تي زور ڀريو ته جيئن گڏيل لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائي سگهجي. هن خاص طور تي پارليامينٽيرينز وچ ۾ بحث مباحثي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن تجربن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامنٽ قومي معاملن تي غي معمولي هم آهنگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي. هن معيشت جي بحالي لاءِ سازگار سيڙپڪاري پاليسين ۽ پرڏيهي ملڪن سان واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏنو. سويڊن جي سفير پاڪستان سان پنهنجي دوستي کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سويڊش ڪاروباري برادري پاڪستان جي وسيع معاشي صلاحيت کي تسليم ڪري ٿي. هن پارلياماني لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ چيو ته سويڊش پارليامنٽ پاڪستان سان سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ حقيقت پسنداڻي ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي قدمن کي اختيار ڪندي.