اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي اوڀرندي صوبي جي اڳوڻي گورنر ۽ مرحوم شاهه فهد جي فرزند شهزاده محمد بن فهد بن عبدالعزيز آل سعود جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شهزاده محمد بن فهد جون سعودي عرب جي لاءِ نمايان خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان جي عوام پاران آئون خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، شاهي خاندان جي ميمبرن ۽ سعودي عوام سان شهزاده محمد بن فهد جي لاڏاڻي تي دلي تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي.