اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بجلي جي اگهن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿيندي، مون کي يقين آهي ته آءِ ايم ايف جو هي پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو، حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي سرڪاري ادارا بند ڪيا پيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ عالمي معيار جي نئين ۽ سڪس اسٽار هوٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ موجوده حڪومت ڏينهن رات جيڪا محنت ڪري رهي آهي اها رنگ آڻي رهي آهي، مهانگائي جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ ٿي چڪي آهي. بئنڪن جو پاليسي ريٽ 13 سيڪڙو تي اچي چڪو آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ هڪ سيڪڙو گهٽتائين جو اعلان متوقع آهي. روانگي واپار وڌي رهيو آهي. آءِ ٽي جي روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ پڻ اضافو ٿي رهيو آهي. ملڪ جي اقتصادي واڌويجهه جي شرح جو سفر شروع ٿي چڪو آهي. زراعت، آءِ ٽي، صنعتن ۽ مائنز اينڊ منرلز جي شعبن ۾ اسان کي وڌيڪ ترقي ڪرڻي آهي. وزيراعظم چيو ته جيستائين بجلي جي قيمت گهٽ نه ٿيندي تيستائين صنعتون، زراعت ۽ روانگي واپار ترقي نه ٿا ڪري سگهن. حڪومت محنت ڪري رهي آهي، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بجلي جي اگهن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ايندي جنهن سان پاڪستان جي معاشي ترقي جو رستو هموار ٿيندو ۽ روانگي واپار ۽ صنعتون مقابلي جي پوزيشن ۾ اچي وينديون. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پڻ حڪومت قدم کڻي رهي آهي، ان حوالي سان جلد اعلان ڪيو ويندو. منهنجو وس هلي ته پاڪستان ۾ ٽيڪس ريٽ 15 سيڪڙو ڪري ڇڏيان پر هن وقت آءِ ايم ايف جي مجبوري آهي. مون کي يقين آهي ته آءِ ايم ايف هي پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو. وزيراعظم چيو ته حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊائون ۽ رائيٽ سائيزنگ تي ڀرپور ڪوششون جاري آهن. پاڪ پي ڊبليو ڊي کي بند ڪيو ويو آهي جيڪو ڪرپشن جو ڳڙهه هو. بيشمار سرڪاري ادارا بند ڪيا پيا وڃن ته جيئن خرچ گهٽ ٿي سگهن. پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان هڪ نئين ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪوئيٽا، پشاور، ڪراچي سميت ملڪي سيڙپڪارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ حصو وجهڻ جي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته جيئن پي آءِ اي جي 60ع جي ڏهاڪي جي عظمت بحال ٿي سگهي. اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف 90ع جي ڏهاڪي ۾ بئنڪن جي نجڪاري ڪئي هئي. اڄ اهي سموريون بئنڪون ڪاميابي جو هڪ شاهڪار آهن. اهڙي طرح پي آءِ اي جي شفاف بڊنگ جي ذريعي نجڪاري ڪنداسين. الله تعاليٰ پاڪستاني سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي بي پناهه صلاحيت ڏني آهي. حڪومت جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي پر ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر کي پروموٽ ڪرڻ آهي. اها ئي اسان جي فلاسفي آهي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ سڪس اسٽار هوٽل جي افتتاح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته حڪومت سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن سان پاڪستان هڪ عظيم قوت بڻجندو.