هيوسٽن – 27 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي هيوسٽن ۾ آمريڪي ڪانگريس ۽ ڪانگريس جي فنانس ڪميٽي جي اهم ميمبر اليگزينڊر گرين سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پاڪ – آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو وزير محسن نقوي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين کي افغانستان مان ٿيل دهشتگردي ۽ اڳڀرائي وارن واقعن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي پاڪستان ۾ آيل زلزلي ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد تي ڪانگريس مين اليگزينڊر گرين جو ٿورو مڃيو. هن آمريڪي ڪانگريس مين اليگزينڊر گرين جي فلسطين معاملي تي اصولي موقف کي ڀرپور ساراهيندي چيو ته فلسطين لاءِ سندس توانا آواز اٿارڻ جوڳو آهي. هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر اليگزينڊر گرين طرفان فلسطين تي اهڙي اصولي موقف کي تمام گهڻي ساراهه ملي آهي. وفاقي گهرو وزير واضح ڪيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. ڪانگريس مين اليگزينڊر گرين چيو ته جلدي پاڪستان جو ٻيهر دورو ڪندس، زلزلي ۽ ٻوڏ ۾ پاڪستاني عوام سان يڪجهتي ۽ مدد لاءِ 4 ڀيرا پاڪستان اچي چڪو آهيان. ان موقعي تي هيوسٽن ۾ پاڪستان جو قونصل جنرل محمد آفتاب چوڌري ۽ پاڪستان ڄائو مشهور آمريڪي بزنس مين طاهر جاويد به موجود هئا.