واشنگٽن – 27 جنوري (اي پي پي) آمريڪي رياست پنسلوانيا ۾ فلسطين ڄائي آمريڪي شاگرد کي مبينا طور تي انتھا پسند چوڻ تي پبلڪ اسڪول جي استاد کي معطل ڪيو ويو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه مڊل اسڪول جي انتظاميا ۽ مسلم وڪيل گروپ گذريل ڏينھن ٻڌائي. سينٽرل ڊوفن اسڪول انتظاميا گذريل ڏينھن ٻڌايو ته گذريل ھفتي اسڪول ٽائم کانپوءِ ھڪ پروگرام دوران استاد تي ان الزام بابت ڄاڻ ملي. انتظاميا طرفان چيو ويو ته نسل پرستاڻي ڳالھ ٻولھه برداشت نه ڪئي ويندي، مبينا واقعي ۾ ملوث استاد کي جاچ واري عمل دوران معطل رھڻو پوندو. آمريڪن اسلامڪ رليشنز ڪائونسل بيان ۾ چيو ته فلسطين ڄائي آمريڪي شاگرد ڪلاس ۾ پنھنجي سيٽ تبديل ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته استاد چيو ته مان دھشتگردن سان ناهيان ڳالھائيندو.آمريڪن اسلامڪ رليشنز ڪائونسل ۽ اسڪول انتظاميا پاران استاد يا شاگرد جو نالو ظاھر ناھي ڪيو. انساني حقن جي حامين جو چوڻ آھي ته 7 آڪٽوبر2023ع بعد اسرائيل پاران غزه تي جنگ لاڳو ڪرڻ سان آمريڪا ۾ مسلمان مخالف، فلسطين مخالف ۽ يھودي مخالف نفرت واري واقعن ۾ شدت آئي آھي.