واشنگٽن- 27 جنوري(اي پي پي) آمريڪي ارب پتي ۽ مائيڪرو سافٽ جي مالڪ بل گيٽس دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن هو اڄ ٻار هجي ها ته کيس به آٽزم جي تشخيص ٿئي ها. پرڏيهي ميڊيا مطابق بل گيٽس چيو آهي ته سندس خيال آهي ته جيڪڏهن هو اڄ جي معاشري ۾ وڏو ٿئي ها ته ننڍپڻ جي سندس جنوني ۽ سماجي طورتي عجيب ۽ غريب رويي جي نيورو ڊائيورجينس جي علامت طور درجه بندي ڪئي وڃي ها. هن پنهنجي نئين سوانح عمري سورس ڪوڊ ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري طور پنهنجي اعصابي رويي بابت به ڳالهايو آهي. هن چيو ته ننڍپڻ ۾ هو سماجي اشاري کان محروم رهندو هو. اڪثر هڪ ئي جڳهه تي گهمندو هو ۽ ڪجهه موضوعن تي شدت سان ڌيان ڏيڻ کان پري رهندو هو.