لاهور- 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالغفار وٽو، عثمان اويسي ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبر فدا حسين ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ملاقاتن دوران لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون.