لاهور- 26 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.