نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو قومي مفادن کي هٿي ڏيڻ تي زور
اسلام آباد- 25 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان جي قومي مفادن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته اقتصادي سفارتڪاري، ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ پرڏيهي پاڪستانين کي هر طرح جي مدد ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان موجب هن سفيرن ۽ قونصلر جنرلز کي خطاب ڪندي ڪيو ۽ هن کين سندن نئين ذميوارين تي مبارڪون ڏنيون. ڊي پي ايم/ايم ايف وڌيڪ زور ڀريو ته ملڪ جي حقيقي صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي مثبت سڃاڻپ کي اجاگر ڪيو وڃي.