اسلام آباد- 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان پاڪستاني رانديگر پنهنجي صلاحيتن سان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪري رهيا آهن، حڪومت پاڪستاني رانديگرن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سنوڪر چيمپئن محمد آصف ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ويجهڙ ۾ ئي سريلنڪا ۾ رٿيل سنوڪر چيمپئن شپ کٽڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم محمد آصف کي 25 لک روپين جو انعامي چيڪ پڻ ڏنو. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اوهان سنوڪر جي راند ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي ۽ پوري قوم کي اوهان تي فخر آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ورلڊ اميچور سنوڪر چيمپئن شپ ۽ سارڪ سنوڪر چيمپئن شپ ٽي ڀيرا کٽي محمد آصف دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. ملاقات دوران محمد آصف قومي سطح تي اهميت ڏيڻ تي وزيراعظم جو ٿورو مڃيندي چيو ته راندين ۾ حڪومتي سرپرستي راندين کي هٿي ڏيڻ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي جو وزيراعظم منهنجي ڪاميابين جو اعتراف ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته محمد آصف سان گڏوگڏ ملڪ ۾ سنوڪر جي ٻين رانديگرن جي تربيت جي حوالي سان قدم کنيا وڃن ته جيئن نوجوانن کي هن راند ۾ وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي.