اسلام آباد- 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي جي علائقي باغ ۾ خوارجين خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته مون سميت پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي، دهشتگردن جي ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني پکيڙڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ دهشتگردن جي بدنام اڳواڻ سميت 4 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيوراڻي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکنداسين. مون سميت پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ بدامني پکيڙڻ جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.