اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ جامع روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي لاءِ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب هن اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ 24 – 2020ع تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ هن تازي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نئين تجويزن جو جائزو ورتو. اهو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جي تيارين جو حصو آهي.