اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروهن جي خاتمي جي لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورس قائم ڪندي اعلان ڪيو آهي ته حڪومت انسانيت جي قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙيءَ ۾ پاڪستانين جي فوتگين جي واقعي تي هفتيوار اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروهن جي خاتمي جي لاءِ خصوصي ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي، ٽاسڪ فورس جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث انسانيت جي قاتلن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. هن هدايت ڪئي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث گروهن جي گرفتارين ۾ تيزي آندي وڃي، سمورا ادارا بشمول پرڏيهي وزارت انساني اسمگلرن جي نشاندهي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙيءَ ۾ پاڪستانين جي فوتگين جي دل ڏکوئيندڙ واقعي تي مون سميت پوري قوم ڏکويل آهي. وزيراعظم کي اجلاس ۾ غيرقانوني پرڏيهين جي ٻيڙيءَ ۾ پاڪستانين جي فوتگين ۾ ملوث گروهن، پاڪستان ۾ مختلف ادارن پاران گرفتارين، ايف آءِ آرز ۽ اڳتي جي حڪمت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هيستائين 6 منظم انساني اسمگلنگ جي گروهن جي نشاندهي، 12 ايف آءِ آرز، 25 ملوث ماڻهن جي نشاندهي، 3 اهم ماڻهن جي گرفتاري، 16 ماڻهن جا نالا پاسپورٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌا ويا آهن. اجلاس کي گاڏين، بئنڪ اڪائونٽس ۽ اثاثا ضبط ڪرڻ جي تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ايف آءِ اي جي شڪي اهلڪارن ۽ آفيسرن جي گرفتارين ۽ ڪارروائي تي پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ان حوالي سان ٻاهرئين ملڪ ويندڙ جاچ ڪميٽي جي رپورٽ کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم انساني اسمگلنگ جي گروهن جي نشاندهي ڪري انهن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، اعظم نذير تارڙ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.